اسلام آ??اد – 05 اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي، ته ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ جو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ آهي، اميد آهي ته عدالت سڳوري اسان جي پارليامينٽ کي وکرجڻ کان بچائي??دي. اهڙو اظهار هن سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. شيري رحمان چيو ته اسان اليڪشن کان ڀ??ي ناهيون رهيا، سڀني جون نظ??ون سپريم ڪورٽ تي آهن. عدالت سڳوري اسپيڪر جي رولنگ تي فوڪس رکيو آهي، اميد آهي ته عدالت سڳوري اسان پارليامان کي وکرجڻ کان بچائي??دي. ان کان اڳ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مصدق ملڪ سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته يقين آهي ته عدالت سڳوري آئين جو ڳاٽ اونچو ڪ??دي.