اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان چيو آهي ته راوي اربن ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ والٽن لاهور جي ماحولياتي توازن ۽ بهتري لاءِ تمام گهڻي اهميت رکندڙ منصوبا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن راوي اربن ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ والٽن لاهور جي منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ منعقد اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزي??اع??م چيو ته ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو انهن منصوبن جي ذريعي وسيلن کي صحيح طريقي ??ان استعمال ۾ آندو پيو وڃي. اهي منصوبا ان لحاظ کان مثال هوندا ته انهن جي ذريعي وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ايندي. ان کان اڳ راوي اربن ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر عمران امين وزي??اع??م کي منصوبي تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته مختلف منصوبن جن ۾ چهار باغ، انڊسٽريل اسٽيٽ، واٽر ٽريننگ ورڪ، سفائر بي، ??يس?? ٽريٽمينٽ پلان سميت مختلف منصوبن تي ڪم تيزي ??ان جاري آهي ۽ سمورا انتظامي ۽ ماحولياتي مسئلا حل ڪيا ويا آهن ۽ ڪم تيزي ??ان اڳتي وڌي رهيو آهي. وزي??اع??م کي باب پاڪستان جي تعمير بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو جنهن ۾ 1900ع کان هيستائين والٽن جي تاريخ کي عجائب گهر ۾ محفوظ ڪيو ويندو. ان کانسواءِ ايل اين جي پاور پلانٽ پڻ لڳايو ويندو ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ ۾ هڪ جديد ٽيچنگ اسپتال پڻ تعمير ڪئي ويندي. وزي??اع??م کي ٻڌايو ته والٽن جي منصوبي تي پڻ ڪم تيزي ??ان جاري آهي ۽ ايندڙ سال مارچ تائين مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي. وزي??اع??م کي ر??ول??نڊي ۾ ناله لئي ۽ رنگ روڊ منصوبن تي اڳڀرائي بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزي??اع??م چيو ته اهي سمورا منصوبا ملڪ جي قومي مفاد جي لاءِ تمام اهم آهن. هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته انهن منصوبن کي تيزي ??ان مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ڪا سستي نه ڪئي وڃي. اجلاس ۾ اطلاعات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، وزياعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، نئون پاڪستان هائوسنگ اينڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، راوي اربن ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي سي اي او عمران امين ۽ لاڳاپيل سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي جڏهن ته مقامي حڪومتن جي صوبائي وزير محمود الرشيد، پنجاب جي وڏي وزير جي صلاحڪار ڊاڪٽر سلمان شاهه، پنجاب حڪومت جي ترجمان ح??ان خاور ۽ پنجاب جي لاڳاپيل عملدارن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.