اسلام آ??اد – 28 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽين تي زور ڏنو آهي ته اهي ملڪ ۾ گريجوئيٽس ۾ اضافي ۽ آن لائين تعليم جي فروغ لاءِ پنهنجي تعليم?? نظام جي سگهه ۽ م??قع?? ۾ اضافو ڪن، دنيا جي وڌندڙ ضرورتن تي پورو لهڻ جي لاءِ اعليٰ تعليم?? نظام ۾ آن لائين تعليم تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سرحد يونيورسٽي آف سائنس اينڊ انفارميشن ٽيڪنالاجي پشاور جي 14 هين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته 2030ع تائين انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ 80 ڪروڙ گريجوئيٽس جي ضرورت هوندي. پ??ڪس??ا?? جي لاءِ سڀني کي تعليم جي فراهمي، ترقي لاءِ اهميت رکي ٿي. آن لائين تعليم ان مقصد کي تيزي سان حاصل ڪرڻ جو واحد ذريعو آهي. هن مصنوعي ذهانت ۽ ڪمپيوٽنگ جي صدارتي قدم کي اهم قدم قرار ڏنو جيڪو ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪري ملڪ ۾ تعليم، تحقيق ۽ ڪاروبار?? نظام جي لاءِ انقلابي ثابت ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته پ??ڪس??ان ۾ نوجوانن جو وڏو انگ آهي جيڪو ملڪ جي لاءِ ترقي جو وڏو ذريعو ثابت ٿي سگهي ٿو. گريجوئيٽس کي معياري تعليم ۽ جديد مهارت?? جي تعليم حاصل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته دنيا انساني وسيل?? جي ڏس ۾ پ??ڪس??ان طرف ڏسي رهي آهي. هن عالمي مارڪيٽ ۾ وڌندڙ ضرورت?? جي ڏس ۾ انهن م??قع?? مان فائدو کڻڻ تي زور ڏنو. وزيراعظم عمران خا?? جي تازي چي?? جي دوري کي ترقي جي ڏس ۾ اهم قرار ڏنو. هن چيو ته زراعت، فارماسيوٽيڪل، آٽو موٽو، ٽيڪسٽائيل ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ پ??ڪس??اني شاگردن ۽ پروفيشنلز جي لاءِ وسيع موقعا موجود آهن. پ??ڪس??ان مستحڪم ملڪ طور اڀري رهيو آهي جنه?? جي مختلف شعبن ۾ وسيع موقعا موجود آهن. هن نوجوانن تي زور ڏنو ته اهي ملڪ ۾ مايوسي جي بيانن تي ڌيان نه ڏين. هن مختلف شعبن ۾ پوزيشن ماڻيندڙ گريجوئيٽس کي مبارڪ??اد ڏني ۽ انهن تي زور ڏنو ته اهي اخلاقيات، اسلامي روايتن ۽ قومي سڃاڻپ جي اصولن تي عمل ڪندي سخت محنت ڪن.