اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ روزاني 25،000 ٽن يوريا جي پيداوار ٿيندي آهي جيڪا اسان جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ??افي آهي، جيڪي ماڻهو هٿرادو کوٽ پيدا ڪرڻ ۾ ملوث آهن انهن سان سختي سان منهن ڏنو ويندو.
اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ ڀاڻ خاص طور تي يوريا جي گهرج ۽ پهچ جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته گذريل سال ملڪ ۾ ڪڻڪ، ڪمند، ڪپهه ۽ مڪئي جا رڪارڊ بمپر فصل پيدا ٿيا ۽ حڪومت جي زراعت دوست پاليسين جي ڪري مالي سال 21 -2020ع ۾ آباد??ار?? 822 ارب روپيا اضافي آمدني حاصل ڪئي، اضافي آمدني جي نتيجي ۾ آباد??ار?? پاران يوريا جي وڌيڪ خري??ار?? ٿي آهي، هن چيو ته حڪومت غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ??ڻڪ جي وڌ کان وڌ پيداوار لاءِ مناسب مقدار ۾ ڀاڻ فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، هن چيو ته آباد??ار?? کي خاص طور تي ايندڙ ٽن هفتن ۾ ڀاڻ جي دستيابي ڪڻڪ جي بمپر فصل مادل ڪرڻ لاءِ ??هڻو اهم آهي.
وزيراعظم لاڳاپيل عمل??ار?? کي ربيع جي فصلن لاءِ يوريا جي سپلائي چين جي موثر انتظام لاءِ سمورا امڪاني قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. هن صوبائي چيف سيڪريٽرين کي هدايت ڪئي ته هو ضلعي انتظاميه جي ذريعي ڀاڻ جي ذخيره اندوزي، اسمگلنگ ۽ سپلائي چين کان ٻاهر مڊل مين جي ذريعي خري??ار?? کي روڪڻ لاءِ موثر قدم کڻي، هن سمورن لاڳاپيل عمل??ار?? کي هدايت ڪئي ته هو ڀاڻ جي پروڊيوسرز سميت سمور??ن لاڳاپيل ڌرين سان گڏجي ڪم ڪن ته جيئن هن سال ڪڻڪ جي رڪارڊ پيداوار حاصل ڪرڻ جي لاءِ آباد??ار?? کي يوريا جي مناسب فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي.