اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چونڊ تر??يمي بل 2021ع تي صحيح کي هڪ وڏو قدم قرار ڏيندي چيو آهي ته ان سان ڌانڌلي جو خاتمو ٿيندو ۽ پاڪستان کي جمهوري طور تي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد مل??دي?? صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ پارليامينٽ مان منظور ٿيل چونڊ تر??يمي بل 2021ع تي صحيحن جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ظهير الدين بابر اعواڻ، سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري، تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود، منصوبابندي ۽ تر??ي واري وفاقي وزير اسد عمر، ۽ پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان ۽ پارليامينٽ جي ميمبرن سميت سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي اعليٰ آفسيرن شرڪت ڪئي. صدر جي پاران صحيح کانپوءِ چونڊ تر??يمي بل 2021ع قانون بڻجي ويو آهي، ان تحت ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي به ووٽ جو حق حاصل ٿي ويو آهي جڏهن ته ايندڙ چونڊن ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو ويندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چونڊ تر??يمي بل لاءِ ڀرپور ڪوششن ۽ اڻٿڪ ڪوششن تي وزيراعظم عمران خان کي مبارڪباد پيش ڪئي، هن چيو ته گذريل سمورين چونڊن ۾ ڌانڌلي جا الزام لڳندا رهيا آهن، 2013ع جي ??لي??شن ۾ بيلٽ باڪس ۽ پرزائي??نگ آفيسر گم ٿيا هئا، چونڊ تر??يمي بل 2021ع جي قانون بڻجڻ کانپوءِ چونڊ بي ضابطگين ۽ ڌانڌلي کي روڪڻ ۾ مدد مل??دي?? هن چيو ته موجوده حڪومت اقتدار ۾ اچڻ کان پهرين واعدو ڪيو هو ته هو چونڊ عمل کي شفاف بڻائي??دي?? ماضي ۾ حڪومتن جا پنج سال ڌانڌلي جي الزامن جي نظر ٿي ويندا هئا، نئي قانون سازي کانپوءِ چون??ن جو عمل صاف ۽ شفاف انعقاد يقيني بڻجندو، هن چيو ته اسان جي خواهش آهي ته ملڪ کي اڳتي وٺي وڃون ??لي??ٽرانڪ ووٽنگ مش??ن جي ذريعي چون??ن جي لاءِ سڀني کي قائل ڪنداسين، ??لي??ٽرانڪ ووٽنگ مشين سان چون??ن جي شفاف انعقاد ۾ سهولت ٿي??دي?? هاڻي ووٽرز جو بيلٽ پيپر ان جي سامهون پرنٽ ٿيندو، صدر چيو ته ??لي??ٽرانڪ ووٽنگ مشين ڪيلڪوليٽر وانگر ڪم ڪندي آهي، اي وي ايم سان ووٽن جي چوري جهڙن الزامن جو خاتمو ٿيندو، ان مش??ن جي ذريعي فورن نتيجو توهان جي سامهون هوندو، چونڊن ۾ اوورسيز پاڪستان??ن جو به ايترو ئي حق آهي جيترو عام پاڪستان??ن جو آهي، هن چيو ته ماضي ۾ ڪيترن ئي طريقن سان ڌناڌلي ڪئي ويندي هئي، پاڪستان ان وقت تر??ي ڪندو جڏهن اسان جدت کي اختيار ڪنداسين. صدر چيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ??لي??ٽرانڪ ووٽنگ مش??ن جي مينوفيڪچرر نه آهي، هن پروٽوٽائپ مشين ٺاهي آهي ان ڳاله جو فيصلو ??لي??شن ڪميشن ڪندو ته ان کي ڪهڙي مشين هجڻ گهرجي، ??لي??شن ڪميشن آف پاڪستان کي ٽائم لائن متعين ڪرڻ گهرجي ته جيئن اي وي ايم کي حاصل ڪيو وڃي، ماڻهن کي ??لي??ٽرانڪ ووٽنگ مشين تي ڀروسو ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته نئين قانونسازي تحت ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي به انٽرنيٽ ووٽنگ جي ذريعي راءِ جو حق استعمال ڪرڻ جو حق ڏنو ويو آهي، نئين ??لي??ٽرانڪ ووٽنگ مشين ۾ هيڪنگ جو امڪان گهٽ آهي، ڪو به ملڪ نئين شيءَ تيار ڪري تر??ي ڪندو آهي، پاڪستان ان وقت تر??ي ڪندو جڏهن اسان پنهنجي ڪم ۾ جدت پيدا ڪنداسين، پاڪستان کي اي وي ايم سان گڏوگڏ انٽرنيٽ ووٽنگ جي به ضرورت آهي، هن اميد ظاهر ڪئي حڪومت عوام سان جيڪو واعدو ڪيو هو ان کي پورو ڪندي ته جيئن ملڪ کي اڳتي وٺي وڃي سگهجي، صدر چيو ته ماضي ۾ پاڪستان جي هر تڪ ۾ ڌانڌلي جو الزام لڳايو ويو، 2013ع ۾ اسان جو الزام هو ته ووٽ وڪرو ٿيندا آهن، ڪيترن ئي چونڊ تڪن ۾ 3 لک اضافي بيلٽ پيپر ڇاپيا ويا جنهن تي اسان احتجاج ڪيو.