اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ٿ??ئيلينڊ سان سياسي رابطن ۽ واپاري ۽ دفاعي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ اسٽريٽج?? پارٽنرشپ جو خواهشمند آهي، ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جو فروغ اسان جي اولين ترجيح آهي، پاڪستان جي جيو اڪنام?? پاليسي جو مقصد ان جي جيو اڪنامڪ بيهڪ مان مڪمل فائدو کڻڻ، رابطن کي فروغ ڏيڻ ۽ علائقائي امن ۽ ترقي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي تي ٿائي لينڊ جي قومي ڏينهن جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ٿائيلينڊ جي وچ ۾ پراڻا، ويجها ۽ خوشگوار لاڳاپا قائم ??هن?? هن سال اسان پنهنجي 70 هين دوستي جون تقريبون ملهائي رهيا آهيون. هن چيو ته ٻئي ملڪ گهڻ رخي فورمن تي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي هڪجهڙو موقف ۽ هم آهنگي رکن ٿ?? ۽ گهڻ رخي ۽ علائقائي تعاون جا مضبوط حامي آهن. چوڌري فواد حسين چيو ته 7 ڏهاڪا اڳ سفارتي لاڳاپن جي قيام کانپوءِ ئي اسان ٻطرفي لاڳاپن جي فروغ ۽ تنوع کي اهميت ڏيندا آيا آهيون، هن چيو ته ٿائي لينڊ جي لڪ ويسٽ “Look West” پاليسي ۽ پاڪستان جي ”ويزن ايسٽ ايشيائي” پاليسي ٻطرفي لاڳاپن لاءِ وسيع گنجائش رکندڙ آهن. هن چيو ته ٿائي لينڊ ۾ تقريبن 5 هزار پاڪستانين کانسواءِ پاڪستاني ڄائي ٿائي شهرين جي متحرڪ ڪميونٽي موجود آهي جنهن کي ٿائي پٺاڻن جي نالي سان سڃاڻڻ چاهيون ٿ?? جيڪي ٻنهي مل??ن جي عوام جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته اهي ماڻهو ٿائي معاشري ۾ رلي ملي ويا آهن ۽ ٿائي لينڊ لاءِ هڪ اثاثو ثابت ٿيا ??هن?? انهن ماڻهن ڪاروبار، عوامي خدمت ۽ سياست ۾ پنهنجا قدم ڄمايا ??هن?? اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هن وقت 6 پاڪستاني ٿائي ايوان جا ميمبر ۽ ٻه سينيٽرز آهن جنهن جو تعلق حڪمران پالنگ پرچارٿ پارٽي ۽ ان جي اتحادي ڀوم جي ٿائي پارٽي يا ڊيموڪريٽ?? پارٽي سان آهي، وفاقي وزير ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ واپاري صلاحي ۾ اضافي جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته تازن سالن ۾ ٻطرفي واپار ۾ اضافو خوش آئنده آهي، 2020ع ۾ ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ ڪل واپار 1105.80 ملين آمريڪي ڊالر هو، چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان جو ٻڌمت ورثو ٿائي عوام لاءِ مضبوط تاريخي ۽ ثقافتي تعلق رکندڙ آهي، ٽيڪسلا کي ٿائي عوام ۾ بي پناهه مقبوليت حاصل آهي، هن چيو ته اسان پنهنجي سياحت جي شعبي جي فروغ ۽ ان شعبي ۾ جديد سهولتون فراهم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. ٿائيلينڊ جي ماڻهن لاءِ اسان جي ٻڌ مت ماڳن سان گڏوگڏ اتر ۾ خوبصورت جابلو علائقا گهڻا پُرڪشش ماڳ ??هن?? وفاقي وزير ٻڌايو ته ٿائيلينڊ جي مشهور ٻڌ راهب آريا اونگسو آڪٽوبر 2019ع ۾ پاڪستان جي دوري دوران پاڪستان ۽ ٿائيلينڊ ۾ پاڪستان جي ٻڌمت ورثي جي باري ۾ شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪجهه منصوبا شروع ڪرڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو هو. وفاقي وزير چيو ته ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ فلم ۽ ڊرامي جي شعبن ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته اسان ٿ??ئي رهواسين جي پاڪستان آمد جا منتظر آهيون، سفر ۽ سياحت کي آس??ن بڻائڻ لاءِ اسان پنهنجي ويزا نظام ۾ آسانيون پيدا ڪيون ??هن?? ٿائيلينڊ سميت تقريبن سمورن ملڪن ۾ اي ويزا ۽ ويزا آن آرائيول جي سهولت ۾ توسيع ڪئي وئي آهي.