اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اڳوڻي دور ۾ مريم نواز جي ??رپرستي ۾ قائم ميڊيا سيل جي ??ريعي 15 کان 18 ارب روپيا صحافين ۾ ورهايا ويا، قومي خزاني مان تقريبن 10 ارب روپيا خرچ ڪيا ويا، هڪ پرائيويٽ شخص پاران سرڪاري فنڊز کي هينڊل ڪرڻ سنگين جرم آهي، اشتهار هڪ حربو نه هو، ان کانسواءِ به اڳوڻي دور حڪومت ۾ ڪيترائي حربا استعمال ڪيا ويندا رهيا آهن، ان معاملي جي ??نڪوائري ڪري حقيقتون عوام جي ??امهون رکنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر به موجود هو، وفاقي وزير چيو ته مريم نواز جڏهن به ڳالهائيندي آهي ته اسان کي سٺي جي ??ميد هوندي آهي، الحمد الله مريم نواز اڄ ميڊيا سال هلائڻ جو اعتراف ڪري پنهنجو ٽريڪ رڪارڊ برقرار رکيو آهي، هن چيو ته مريم نواز اعتراف ڪيو آهي ته هو ميڊيا سيل هلائي رهي هئي، ان ميڊيا سيل جي نشاندهي 2 نومبر 2015ع تي ڊان اخبار ڪئي هئي ته ان وقت وزيراعظم هائوس ۾ مريم نواز جي ??رپرستي هيٺ اسپيشل ميڊيا سيل جوڙيو ويو هو، هن چيو ته ان ميڊيا سال ۾ پهرين 15 ميمبر هو، 20 ملين روپيا وڌيڪ ڀرتين لاءِ مختص ڪيا ويا، ميڊيا سيل جي ميمبرن جو تعداد وڌائي 38 ڪيو ويو ۽ ان کي ميڊيا جي ??مورين مهمون هلائڻ جا اختيار ڏنيا ويا، وفاقي وزير چيو ته هڪ منظم طريقي سان ان بدنام زمانه سيل صحافين کي خريد ڪيو، انهن ۾ رقم ورهائي جڏهن ته مخالف صحافين کي سزائون ڏنيون ويون. هن چيو ته مريم نواز اعتراف ڪيو آهي ته هو ان ڪم جي نگراني ڪري رهي هئي، هن چيو ته ميڊيا سيل جي منظوري سان 9 ارب 62 ڪروڙ 54 لک 3 هزار 902 روپيا وفاقي حڪومت جا خرچ ڪيا ويا، مريم نواز ڪج??ه چئنلز جي نالا ورتا جن کي سزا ڏني وئي، ڪج??ه جا نالا نه ورتا جنهن کي نوازيو ويو. هن چيو ته ن ليگ جي ??ڳوڻي دور ۾ ڪج??ه صحافين کي سزائون مليون، صحافتي تنظيمن ۽ صحافي برادري جون اکيون کولڻ جي لاءِ کين ٻڌائڻ ضروري آهي ته ڪيئن نوازيو ويو ۽ ڪئين سزا ڏني وئي. چوڌري فواد حسين چيو ته 10 ارب روپين جي ??قم صرف اسلام آباد جي ??يڊورٽائيزمينٽ جي ??هي، پنجاب جي ??يڊورٽائيزمينٽ به گهڻي حد تائين ميڊيا سيل ڪنٽرول ڪري رهيو هو، ان ميڊيا سيل جي ??ريعي تقريبن 15 کان 18 ارب روپيا صحافين ۽ مختلف ميڊيا سيل جي ??ريعي جيڪو گورک ڌنڌو کيڏيو ويو ان جي ??ڀني کان وڏي شهادت اسان جي ??امهون آئي آهي، ان معاملي تي ا??ان انڪوائري ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڪج??ه ڏينهن ۾ ان جا تفصيل عوام ۽ ميڊيا جي ??امهون پيش ڪنداسين، هن چيو ته پرويز رشيد جي ??ور ۾ اطلاعات واري وزارت کي ڪٺ پتلي بڻائي رکيو هو، سرڪاري رقم جي ??ستعمال ۾ ڪنهن پرائيويٽ شخص جا اختيار ڪيئن استعمال ٿيا، ان جي ??حقيقات ڪئي ويندي، هڪ سوال جي ??واب ۾ وفاقي وزير چيو ته ن ليگ جي ??لاف عدالتن ۾ جيڪي ڪيس هلي رهيا آهن اهي سادا ڪيس آهن ته اهي جائيدادون آهن، ان ۾ توهان رهي رهيا آهيو ۽ ان جا پئسا ڪٿان کان آيا؟ نيب آرڊيننس جي ??يڪشن 9 ۾ لکيل آهي ته پراپرٽيز جي مني ٽريل پيش ڪئي وڃي، جيڪڏهن نه ته اها ڪرپٽ پريڪٽس آهي، هن چيو ته ن ليگ مني ٽريل ڏيڻ بدران ان سلسلي کي روڪڻ چاهي ٿي، ن ليگ وٽ ثبوت آهن ته هو عدالتن ۾ پيش ڪري، عام ماڻهو به چاهي ٿو ته چورن کان پئسو واپس اچي، هڪ ٻي سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته مريم نواز جو اعتراف صحافين جي لاءِ ٽيسٽ ڪيس آهي هو ڪهڙي طرح ان تي پنهنجو موقف پيش ڪن ٿا، اسان ان معاملي جي ??نڪوائري ڪري ميڊيا جي ??امهون پيش ڪنداسين ته ڪهڙي طرح سرڪاري رقم جو غلط استعمال ڪيو ويو.