اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته نواز شريف ته پاڻ ڪرپشن تي سزا جي ڪري جيل جي خوف کان ملڪ کان ٻاهر لڪل آهي، ان وقت عوام جو خيال نه آيو ۽ هاڻي واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙهي رهيا آهيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريات و??ري مملڪتي وزير فرخ حبيب مريم صفدر جي ٽوئيٽ تي ردعمل ڏيندي ڪيو. هن پن??نجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته بيماري جو ڪوڙو بهانو بڻائي نواز شريف لنڊن ۾ ڀڳوڙو بڻجي ويٺل آهي، توهان جي پن??نجي قول فعل ۾ تڪرار آهي. مملڪتي وزير چيو ته عوام جي وات مان گرهه کسي، ڦ??لٽ ۽ مني لانڊرنگ ڪري ٻاهرئين ملڪ ملڪيتون ٺاهيندا رهيا آهيو. هن چيو ته ماڊل ٽائون ۾ عورتن جي وات ۾ گوليون هڻي شهيد ڪندا رهيا آهيو. فرخ حبيب چيو ته ان وقت عوام جو خيال نه آيو ۽ هاڻي واڳو وارا ڳوڙها ڳاڙهي رهيا آهيو.