اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قومي موسمياتي تبديلي پاليسي 2021ع ۽ قومي وائلڊ لائيف پاليسي 2021ع جي اصولي منظوري ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته مارگلا جبلن تي هڪ ??صوصي زون کي چيتي جي تحفظ جو علائقو قرار ڏنو وڃي جڏهن ته اسلام آباد جي مرغزار چڙيا گهر ۾ وائلڊ لائيف انفارميشن سينٽر جي قيام جي به منظوري ڏني وئي. وزيراعظم عمران خان موسمياتي تبديلي بابت ڪميٽي جي ٽئين اجلاس جي صدارت ڪئي، وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي چيو ته پ??ڪس??ان 10 ارب سونامي ٽري پروگرام جي ڪري ”گرين چيمپئن“ جي حيثيت سان پنهنجي ساک قائم ڪي آهي، دنيا کي اسرن??ڙ ملڪن کي موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ڪرڻ ??هر??ي. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخوا ۾ اسان جي حڪومت 10ا رب سونامي ٽري جي شروعات ڪئي ۽ هاڻي پوري دنيا اسان جي نقش قدم تي هلي رهي آهي، هن چيو ته عالمي برادري موسمياتي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پ??ڪس??ان جي حقيقت پسنداڻي ۽ ٺوس قدمن کي ساراهي رهي آهي. وزيراعظم موسمياتي تبديلي واري وزارت کي هدايت ڪئي ته قدرتي ماحول جي تحفظ لاءِ مقرر هدفن جو جائزو ورتو وڃي ۽ ??هر??ل وڌيڪ فوري قدمن جي حامل هدفن ٺاهيا وڃن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پ??ڪس??ان جي قومي پارڪن جو تحفظ سڀ کان اهم آهي ۽ اسان کي تربيت يافته افرادي قوت کي شامل ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪرڻ ??هر??ي. وزيراعظم ”قومي موسمياتي تبديلي پاليسي 2021ع“ ۽ ”قومي وائلڊ لائيف پاليسي 2021ع“ جي اصولي منظوري ڏيندي هدايت ڪئي ته مارگلا جبلن ۾ هڪ ??صوصي زون کي چيتي جي تحفظ جو علائقو قرار ڏنو وڃي، هن اسلام آباد جي مرغزار چڙيا گهر ۾ وائلڊ لائيف انفارميشن سينٽر جي قيام جي به منطوري ڏني، وزيراعظم مختلف وزارتن جي وچ ۾ ڪوششن کي جامع بڻائڻ ۽ موسمياتي تبديلين جي خاتمي جي حل لاءِ هڪ ٿنڪ ٽينڪ جي قيام جي به هدايت ڪئي، هن ماحولياتي تحفظ جي لاءِ ملڪ امين اسلم جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ان شعبي پ??ڪس??ان جي ڪوششن تي روشني وڌي. وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي بابت خاص مددگار ملڪ امين اسلم اجلاس کي اين ڊي سي، موسمياتي تبديلي جي پاليسي، قومي وائلڊ لائيف پاليسي ۽ گرين ڪلائميٽ ڊپلوميسي جي باري ۾ تفصيل کان آگاهه ڪيو، اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شاهه محمود قريشي، سيد فخر امام، محمد حماد اظهر، چوڌري مونس الاهي، قومي سلامتي جي صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، مملڪتي وزير زرتاج گل، وزيراعظم جو خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال خان ۽ گلگت بلتستان جو وڏو وزير خالد خورشيد، پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار ۽ خيبرپختونخوا جو وڏو وزير محمود خان، آزاد ڪشمير جو وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي ۽ سنڌ جو ماحوليات وارو وزير اسماعيل راهو وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.