اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزي شاهه محمود قريشي چيو آهي ته دنيا کي هن نازڪ موڙ تي ??فغانستان کي اڪيلو نه ڇڏڻ گهرجي، خطي ۾ امن ۽ اس??حڪام جي نئين دور جي شروعات ڪري سگهجي ٿي، عالمي برادري تي ??فغانستان ۾ امن ۽ اس??حڪام جي حوالي سان گڏيل ذميواري لاڳو ٿئي ٿي. سي اين اي تي پنهنجي هڪ مضمون ۾ پرڏيهي وزير چيو ته دنيا جون نظرون هڪ ڀيرو ٻيهر افغانستان تي ??هن. عالمي برادري جي صورتحال تي ڳڻتي ??هي. چئلينج اهو آهي ته افغانستان ۾ پنهنجي پنهنجي مفادن کان مٿانهون ٿي امن ۽ اس??حڪام لاءِ گڏجي ڪم ڪيو وڃي. چار ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان جاري تڪرارن افغان عوام کي وڏو جاني نقصان پهچايو آهي. انهن کي انهن مصيبتن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ اس??حڪام ڏسڻ جو سڀ کان وڌيڪ خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 80 هزار کان وڌيڪ جانيون قربان ڪيون، 4 ملين کان وڌيڪ پناهگيرن جي ميزباني ڪئي ۽ 50 ارب آمريڪي ڊالر کان وڌيڪ جو معاشي نقصان کنيو. پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته الزام بازي جي راند ۽ غيرحقيقي اميدن اس??ن کي آزمايو آهي، پر اس??ن افغانستان جي اس??حڪام جي پنهنجي عزم تي ??دائين ثابت قدم رهيا آهيون. آمريڪا ۽ طالبان جي وچ ۾ طئي ٿيل ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ ۾ پاڪستان جو تعميري ڪردار اهم هو. هن چيو ته 15 آگسٽ 2021ع کانپوءِ جڏهن طالبان ڪابل ۾ داخل ٿيا ۽ صدارتي مهل تي قبضو ڪري ورتو ته پاڪستان ڪابل ۾ پنهنجو سفارتخانو کليل رکيو جڏهن ته پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز (پي آءِ اي) سفارتي مشنز، عالمي تنظيمن، اين جي اوز ۽ ميڊيا ادارن جي ميمبرن کي ڪڍڻ ۾ مدد ڪئي. هن چيو ته افغانستان جي تاريخ جو رخ بدلجي ويو آهي، پر اس??ن خطي ۾ اس??حڪام جي نئين دور جي شروعات ڪري سگهون ٿا. پرڏيهي وزير چيو ته افغان عوام جي حوالي سان حقيقي همدردي ۽ هڪ انسان دوست موقف جي ضرورت آهي. ان سان گڏوگڏ اس??ن اولهه تي ??ور ڏيڻ چاهيون ٿا ته اهي پنهنجي معاشرتي نظريي موجب افغان معاشرو قائم ??رڻ جي رجحان کي ختم ڪن. پاڪستان افغان معاشري جي گهڻ قوميتي ڪردار جي احترام جي لاءِ هڪ ٺوس موقف جي حق ۾ آهي. پرڏيهي وزير چيو ته اس??ن انساني حقن جي تحفظ، خاص طور تي ??ورتن ۽ ڇوڪرين جي ۽ افغان آبادي جي انتهائي ڪمزور طبقن جي تحفظ جي حمايت ڪريون ٿا. اس??ن اهڙي افغانستان کي ڏسڻ چاهيون ٿا جيڪو پ??ڻ سان گڏوگڏ پنهنجي پاڙيسرين ۽ دنيا سان امن ۾ هجي. عالمي برادري وانگر اس??ن به ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ چاهيون ٿا ته افغانستان ٻيهر دهشتگردن جي پناهگاهه نه بڻجي وڃي. پرڏيهي وزير چيو ته اها خوشي جي ڳالهه آهي ته طالبان پاران ٿيندڙ اعلان امن قائم ڪرڻ، اس??حڪام وڌائڻ ۽ مفاهمت جي لاءِ ڪم ??رڻ جي خواهش جا عڪاس آهن. اس??ن سڀني کي انهن بيانن ۽ اشارن جي حوصلا افزائي ۽ حمايت ??رڻ گهرجي. عالمي امداد جي حوالي سان اس??ن کي افغانستا کي اڪيلو ڇڏڻ جي انساني همدرديج ي نتيجن کان آگاهه رهڻ گهرجي. اس??ن کي يقين آهي ته گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ جيڪو ڪجهه افغانستان ۾ خرچ ڪيو ويو ان جو هڪ ننڍڙو حصو به ملڪ کي پنهنجي پيرن تي ??يهارڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، ان سان نه رڳو علائقائي امن ۽ اس??حڪام جو فائدو ٿيندو پ?? منشيات جي اسمگلنگ کي منهن ڏيڻ ۾ پڻ مدد ملندي. دنيا کي ان اهم موڙ تي ??فغان عوام کي اڪيلو ڇڏڻ نه گهرجي.