اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سينيئر صحافي رفيق آزاد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪن??ي چيو آهي ته مرحوم رفيق آزاد هڪ سچ?? ۽ بي باڪ صحافي هو، سندس لاڏاڻي سان پيدا ٿيل خال ڪڏهن به نه ڀرجندو. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته مرحوم رفيق آزاد جي صحافت جي شعبي ۾ اڻٿڪ خدمت?? کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي ??نت ۾ جڳهه ڏي ۽ پونئير?? کي صبر جميل عطا فرمائي.