اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٻاهر??ن ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، مٽاسٽا ج?? ناڻي جي وڌندڙ انگ اکر سندن حڪومت جي پاليسين تي اعتماد جو ثبوت آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترجيحاتي شعبن تحت ٻاهر??ن ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي مٽاسٽا ج?? ناڻو موڪلڻ ۾ آساني ۽ وڌيڪ سهولت ڏيڻ بابت جائزي اجلاس جي ??دا??ت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر، نادرا چيئرم??ن محمد طارق ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ناڻي واري وزارت ۽ اسٽيٽ بئنڪ گڏجي مٽاسٽا ج?? ناڻو موڪليندڙ ٻاهر??ن ملڪ رهندڙ پاڪستانين ??اء?? هڪ جامع پيڪيج تيار ڪري رهيا آهن جنهن ۾ نه رڳو موڪليل رقم جي حساب سان مالي مراعتون ۽ انعام شامل آهن پر بينيفشري اڪائونٽ کولڻ ۽ رقم جي فوري منتقلي به يقيني بڻائي پئي وڃي، ڄاڻايل نظام ??اء?? هڪ ڊجيٽل ايپليڪيشن به تياري جي مرحلي ۾ آهي، مراعتن جي فراهمي ??اء?? 9 وڏن قومي ادارن سان گڏجي ڪم ڪيو پيو وڃي جيڪو سفري سهولتن ??اء?? شناختي دستاويزن جي تياري، ضروري شين جي خريداري، ٽيڪس جي ادائيگي، انشورنس ۽ ٻارن جي تعليمي خرچن ۾ رعايتون ۽ مراعتون فراهم ڪندو، ايندڙ مهيني جي شروع تائين ڪم مڪمل ڪري پروگرام باقاعده جاري ڪيو ويندو، وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته ٻاهر??ن ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن ۽ مٽاسٽا ج?? ناڻي جا وڌندڙ انگ اکر حڪومت جي پاليسين تي اعتماد کي ظاهر ڪن ٿا. وزيراعظم انهن قدمن بابت مقرر ڪيل عرصي ۾ ڪم جي تڪميل کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڏيندي چيو ته منصوبي جي ڪڙي نگراني ??اء?? لائحه عمل جوڙي شڪايتن جي ازالي ??اء?? پورٽل به منصوبي جو حصو بڻايو وڃي.