اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان افغان امن عمل ۽ مسئلي جي سياسي حل جي لاءِ ڪوششن ۾ تعاون جاري رکندو، اميد آهي افغان اڳواڻ افغان مسئلي جي و??يع البنياد ۽ ٺوس سياسي حل جي لاءِ عالمي هم آهنگي جي اهميت کي تسليم ڪندا، ڄمون ڪشمير تڪرار سميت سمورن معاملن تي ترڪيءَ جي مضبوط ۽ مسلسل حمايت تي ٿورائتا آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪيءَ جي دفاع واري و??ير حلوسي آڪار سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئ??. ملاقات دوران وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ بي مثال گڏيل اعتماد ۽ گڏيل حمايت جي بنياد تي تاريخي ل??ڳا??ن کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم ترڪيءَ جي صدر رجب طيب اردوان ۽ ترڪيءَ جي ڀائر عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ترڪيءَ ۾ ٻيلن ۾ لڳندڙ باهه سان نقصان تي همدردي جو پڻ اظهار ڪيو. پاڪستان پاران يڪجهتي ۽ ان آفت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن امداد کي و??جايو. وزيراعظم بطرفي دفاعي تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ سمورن معاملن خاص طور تي ڄمون ڪشمير جي ت??رار تي پاڪستان جي ڀرپور ۽ مسلسل حمايت تي ترڪيءَ جا ٿو??ا مڃيا. علائقائي معاملن جي حوالي سان وزيراعظم افغان امن عمل بابت پاڪستان جي موقف کان کيس آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڳالهين ذريعي سياسي حل ئي اڳتي وڌڻ جو رستو آهي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئ?? ته افغان اڳواڻ ان سلسلي ۾ اڳڀرائي ۽ پائيدار سياسي حل جي لاءِ عالمي هم آهنگي جي اهميت کي تسليم ڪندا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان افغان امن عمل ۽ سياسي حل جي لاءِ مدد ڏيڻ جي ڪوششن ۾ تعاون ڪندو. ترڪيءَ جي دفاع واري و??ير ترڪي جي صدر اردوان پاران وزيراعظم کي نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو ۽ ڄمون ڪشمير سميت سمورن مسئلن تي ترڪيءَ پاران پاڪستان جي حمايت کي و??جايو. هن وزيراعظم سان ملاقات ۾ دفاع سميت گڏيل مفادن جي سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ??. هن افغانستان ۾ سياسي حل جي لاءِ ترڪيءَ جي ڪوششن جو پڻ ذڪر ڪيو. حلوسي آڪار جو پاڪستان جو دورو ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ اهم ٻطرفن ۽ عالمي معاملن تي مشاورت جي لاءِ اعليٰ سطحي دورن جو حصو آهي.