پشاور – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان چيو آهي ته موسمياتي تبديلي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ وڻڪاري انتهائي اهم آهي ۽ ان حوالي سان ملڪ ۾ جاري سانوڻي ??وران ٻيلن جو دائرو وسيع ڪرڻ لاءِ موثر عوامي آگاهي مهم جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پشاور جي دوري جي موقعي تي خصوصي بريفنگ دوران ڪيو. ان موقعي تي وزير??عظ?? جو موسمياتي تبديلين بابت خاص مددگار ملڪ امين اسلم، ماحوليات ۽ ٻيلن وارو صوبائي وزير سيد اشتياق ارمڙ ۽ خيبرپختونخوا جو ماحوليات ۽ ٻيلن وارو سيڪريٽري اسلام زيب خان به موجود هئا. وزير??عظ?? عمران خان ان موقعي تي سانوڻي ??ي وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ هڪ ٻوٽو به پوکيو. وزير??عظ?? عمران خان چيو ته ملڪ ۾ سانوڻي ??وران وڻڪاري لاءِ عوام جي آگاهي جي غرض سان موثر ??هم شروع ڪئي وڃي ته جيئن وڌ کان وڌ علائقن کي ٻيلن جي دائري ۾ آڻي ??گهجي. هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت جي فليگ شپ 10 بلين ٽري فار اسٽيشن پراجيڪٽ تحت پوکيل ٻيلن جي وڊيوز اپ لوڊ ڪرڻ لاءِ خصوصي ويب سائيٽ لانچ ڪرڻ گهرجي ته جئين عام ماڻهو حڪومت جي ڄاڻايل منصوبي جي افاديت کان باخبر ٿي سگهن. هن چيو ته 10 بلين ٽري فار اسٽيشن پراجيڪٽ تحت پوکيل ٻيلن تي خصوصي دستاويزي فلمون ٽي وي تي ٽيلي ڪاسٽ ڪيون وڃن ۽ سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪيون وڃن ته جيئن عوام کي سانوڻي ??وران وڏي پئماني تي ٻوٽا پوکڻ جي ترغيب ملي. هن چيو ته اها حقيقت يقيني طور تي عام ماڻهن کي وڻڪاري تي آماده ڪندي ته هڪ زمين جيڪا پنج سال پهرين بنجر هئي اڄ حڪومتي ڪوششن ۽ جدوجهد سان سرسبز ۽ شاداب بڻائي وئي آهي، هن چيو ته گرين پاڪستان مهم تحت کنيل قدم، ٻيلن جي وڊيو اپ لوڊ ڪرڻ يقيني طور تي عوام کي پنهنجي ذميدارين تي وڌ کان وڌ ٻوٽا پوکڻ جي ترغيب ڏ??ند??. ٻئي پاسي وزير??عظ?? عمران خان کي جاري سانوڻي مند دوران وڻڪاري مهم ۽ پاڪستان ۾ اربين وڻ پوکڻ جي منصوبي جي ڪاميابين جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزير??عظ?? کي ٻڌايو ويو ته صحافين لاءِ جلد ئي هيلي ڪاپٽر جي ذريعي فضائي دوري جو اهتمام ڪيو و??ند?? جنهن دوران کين چترال ۽ باجوڙ سميت انهن سمورن ماڳن جو دورو ڪرايو و??ند?? جتي حڪومتي منصوبي تحت وڻڪاري ڪئي وئي آهي، وزير??عظ?? عمران خان کي ٻڌايو ويو ته 10 بلين ٽري فار اسٽيشن پراجيڪٽ تحت لڳايل ٻيلن ۽ ٻوٽن جي مشهوري لاءِ هڪ ويب سائيٽ به لانچ ڪئي وئي آهي.