اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڏکڻ آفريقا جي رانديگر هرشبل گبز تي ڪشمير ليگ کان پاسو اختيار ڪرڻ جي لاءِ دٻاءُ وجهڻ افسوسناڪ آهي. صحافين سان ??الهائيندي هن چيو ته ڪرڪيٽ کي سياست جي لاءِ استعمال ڪرڻ جو عمل نريندر مودي اڳ ۾ به ڪري چڪو آهي جنهن جي اسان سخت مذمت ڪريون ٿا. چوڌري فواد حسين چيو ته هرشل گبز تي پابندي جي لاءِ دٻاءُ وجهڻ سان ??شمير جي تحريڪ کي ڪو نقصان نه پهچندو پر فائدو ئي ٿيندو. هن چيو ته پنهنج?? غيرمنطقي سياسي مقصدن جي لاءِ عالمي رانديگرن کي روڪي هي پنهنجو ئي نقصان ??ندا. هن چيو ته ڀارت ۽ پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جا لکين شوقين آهن، ڪرڪيٽ کي سياست کان جدا رکڻ گهرجي. هن چيو ته ڪشمير ليگ پاڪستان جي ڪرڪيٽ جي لاءِ اهميت رکندڙ آهي، ماڻهو ان ??ي ڏسڻ چاهين ٿا.