اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان سان ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ سينيٽر سيف الله نيازي، عامر محمود ڪياني ۽ پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار سردار تنوير الياس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي ميمبر مرحوم صغير چغتائي جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئ??، ملاقات ۾ آزاد ڪشمير ۾ ايندڙ اليڪشن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئ??، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ??زاد ڪشمير جي صدر، وزيراعظم ۽ اسپيڪر ج?? نامزدگي جو فيصلو اليڪشن کانپوءِ وزيراعظم پاڻ ڪندو.