اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ سعودي عرب اقتصادي سيڙپ??ار??، ثقافتي ۽ سفارت??ار?? سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي وٺائڻ، ٻه طرفي ناتن جي استحڪام لاءِ اعليٰ سطحي رابطن جي تسلسل ۽ پاڪ سعودي پرڏيهي وزارتن ۾ فوڪل پرسن مقرر ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. سعودي عرب ۽ پاڪستان جي گڏيل ناتن کي هٿي وٺائڻ لاءِ سعودي- پاڪستان اعليٰ مشاورتي ڪائونسل قائم ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. پاڪ سعودي پرڏيهي وزارت وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهين بعد سعودي هم منصب شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود س??ن گڏجي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي چيو ت?? اسان جا سعود ي عرب سان پراڻا ۽ ??ار??خي ناتا آهن، هن چيو ت?? اسان جون ٻه طرفن وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿيون، اسان اقتصادي رابطن کي هٿي وٺائڻ، سيڙپ??ار?? کي وڌائڻ تي خاص طور تي ڳالهيون ڪيون. شاه محمود قريشي چيو ت?? سعودي عرب ۽ پاڪستان و?? ۾ ناتن کي هٿي وٺائڻ لاءِ سعودي- پاڪستان اعليٰ مشاورتي ڪائونسل قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پرڏيهي وزير چيو ت?? گذريل ڏينهن هتي پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ سپريم ڪو آرڊينيشن ڪائونسل جي جوڙجڪ تي ڳالهيون ٿيون. سپريم ڪائونسل جي ڪم جي طريقيڪار تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي، ان حوالي سان ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزارت جي آفيس ۾ ڌار ڌار فوڪل پرسن مقرر ڪيا ويندا ته جيئن هڪٻئي جي ناتن کي ڏسڻ لاءِ ڍانچي جي سطح تي راهه هموار ٿي سگهي. شاه محمود قريشي چيو ت?? ٻئي ملڪ ميڊيا، انفارميشن، راندين ۽ ثقافت?? شعبن ۾ به ناتن کي اڳيان و??ائي رهيا آهن. هن چيو ت?? ويزن 2030ع تبديلي جو مظهر آهي، اسان تهذيبي رابطن کي هٿي وٺرائڻ چاهيون ٿا. نئين قيادت جي ويزن 2030ع تحت سعودي عرب تبديلي طرف ڏسي رهيو آهي ۽ ان شعبي ۾ ماضي ۾ ڪم ئي ناهي ٿيو. اسان ان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا. هن چيو ت?? لکين پاڪستاني سعودي عرب ۾ ترسيل آهن، جيڪي اتي پاڪستاني فلمن جي نمائش ڏسڻ چاهين ٿا ۽ پنهنجي پسنديده گلو??ار?? جي پرفارمنس مان لطف اندوز ٿيڻ چاهين ٿا. هي اهو شعبو آهي جنهن تي اسان ماضي ۾ ڪو به ڌيان ناهي ڏنو. هن چيو ت?? اسان مذهبي ناتن س??ن گڏوگڏ ثقافتي ناتن کي هٿي وٺرائڻ جا خواهشمند آهيون. موسمياتي تبديلين جي حوالي سان پرڏيهي وزير چيو ت?? گرين سعودي عرب ۽ گرين مڊل ايسٽ ۽ وزيراعظم عمران خان جي سوچ ڪلين گرين پاڪستان پاڻ ۾ هڪجهڙائي رکن ٿا. ماحولياتي ۽ موسميات?? شعبن ۾ سهڪار اڳيان و??ائي رهيا آهيون. هن چيو ت?? مون سعودي پرڏيهي وزير کي والاريل ڄمون ڪشمير جي صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ ڪشمير مسئلي تي سعودي عرب جي حمايت تي سندس ٿورا مڃيا. اسان افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال تي پڻ غور ويچار ڪيو. اسان ٻنهي جي افغانستان جي حوالي سان سوچ ۾ هڪجهڙائي نظر آئي. شاه محمود قريشي چيو ت?? ويڪسينيشن ۽ سفري مشڪلاتن جي حوالي سان به ڳالهيون ٿيون، اهي پاڪستاني شاگرد جيڪي سعودي عرب ۾ تعليم پرائڻ جي انتظار ۾ آهن، انهن جي سهولت ۾ سعودي پرڏيهي وزير سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. شاه محمود قريشي چيو ت?? وزيراعظم عمران خان هميشه پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي لاءِ ڪوششون ڪيون آهن. هن چيو ت?? سي پيڪ رٿائن خاص طور تي اقتصادي زونز ۾ سعودي عرب جي ??ار??باري ڪمپنين لاءِ سيڙپ??ار?? جا موقعا موجود آهن ۽ ان حوالي سان سعودي پرڏيهي وزير کي آگاه ڪيو آهي. ان موقعي تي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود چيو ت?? پاڪ سعودي ناتن کي وڌيڪ سگهارو بڻائڻ جا خواهشمند آهيون. ٻنهي ملڪن هميشه هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. هن چيو ت?? ٻنهي ملڪن و?? ۾ خوشگوار، ڀائراڻا ناتا قائم آهن. ٻنهي ملڪن و?? ۾ اعليٰ سطح تي ڳالهين کي هٿي وٺرائي ويندي. هن چيو ت?? ٻنهي ملڪن و?? ۾ سيڙپ??ار?? ۽ اقتصادي سهڪار جا وسيع موقعا موجود آهن. سعودي عرب جي پرڏيهي وزير چيو ت?? سعودي عرب ۾ لکين پاڪستاني ترسيل آهن، جيڪي سعودي عرب جي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، هن چيو ت?? خطي جي سلامتي انتهائي عزيز آهي ۽ ان سلامتي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکيو ويندو.