لاهور – 05 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ٿيليسيميا جي باري ۾ آگاهي مهم هلائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٿ??ليسيميا هڪ موورثي بيماري آهي، ڪزن ميرج جي ڪري ٻارن ۾ بيمارين جي شرح وڌيڪ آهي، اهڙا جوڙا شادي کان اڳ ٿيليسيميا جو ٽيسٽ لازمي ڪرائين، س??دس فائونڊيشن ٿيليسيميا جي مرض جي خلاف اڻ ڳڻيون خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. ??هڙ?? خيالن جو اظهار هن س??دس فائونڊيشن جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪ??و. وفاقي وزير چيو ته ٿ??ليسيميا جو شڪار ٻار سالن کان س??دس فائونڊيسن کان بلڊ ٽرانسفيوزن ڪرائي رهيا آهن، ٿيليسيميا هڪ موروثي مرض آهي، اسان وٽ شادي کان پهرين ٽيسٽ نه ڪرايا ويندا آهن جنهن جي نتيجي ۾ ??هڙ??ون بيماريون پکڙجنديون آهن، ڪزن ميرج جو رواج به عام آهي، ??هڙ??ن شادين جي ڪري پيدا ٿيندڙ ٻارن ۾ بيمارين جي شرح وڌيڪ آهي، اهڙا جوڙا شادي ڪرڻ کان اڳ پنهنجو ٿيليسيميا جو ٽيسٽ لازمي ڪرائين، جيڪڏهن انهن ۾ ٿيليسيميا جو ٽيسٽ پازيٽو آهي ته کين ڪزن ميرج کان پاسو ڪرڻ گهرجي ڇو ته ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ٻار ان مرض جو شڪار ٿي سگهي ٿو، هن چيو ته اسان وٽ ان باري ۾ آگاهي مهم هلائڻ جي ضرورت آهي، وفاقي وزير ان ڳالهه کي ساراهيو ته س??دس فائونڊيشن هيومن ريسورس تي به ڌيان ڏنو آهي.