اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سال 2020ع ۾ 323 ??رب روپين جي وصولي تي قومي احتساب بيورو جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته معاشري مان بدعنواني جي خاتمي، شفاف گورننس ۽ احتساب جي فروغ لاءِ وڌيڪ موثر قدم کنيا وڃن، بدعنواني ??ان پاڪ پاڪستان جي ويزن جي پڄاڻي لاءِ احتساب سڀني لاءِ يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي، هو نيب جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال سان ڳالهائي رهيو هو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي، ان م??قعي تي نيب جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال صدر کي سال 2020ع بابت نيب جي رپورٽ پيش ڪئي، هن نيب جي ڪارڪردگي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته نيب سال 2020ع ۾ 24 هزار 706 شڪايتون م??يون، ان دوران گذريل سال جي شڪايتن سميت مجموعي طور تي 30 هزار 405 شڪايتون اڪلايون ويون، هن چيو ته نيب 878 شڪايتن جي توسيع تي ڪارروائي ڪئي، جڏهن ته 369 انڪوائريز ۽ 175 انويسٽيگشنز ڪيون ويون، ان کانسواءِ گذريل سال احتساب عدالتن ۾ 136 ريفرنس داخل ڪيا ويا، نيب چيئرمين چيو ته سال 2020ع د??ران پراسيڪيوشن ڪاميابي جو مجموعي تناسب 66 سيڪڙو رهيو?? صدر سال 2020ع ۾ 323 ??رب روپين جي رڪوري ڪرڻ تي نيب جي واکاڻ ڪئي.