اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ روينيو واري وفاقي وزير شوڪت ترين جي ورچوئل صدارت ۾ ڪابينا جي نجڪاري بابت ذيلي ڪميٽي (سي سي او پي) جي اجلاس ۾ نيشنل پاور پارڪس ميينجمينٽ ڪمپني ل??يٽڊ (اين پي پي ايم سي ايل) جي نجڪاري تي اڳ??رائي جو جائزو ورتو ويو. ناڻي واري وزارت پاران جاري پريس رليز موجب ناڻي واري وفاقي وزير جي ورچوئل صدارت ۾ ڪابينا جي نجڪاري بابت ذيلي ڪميٽي جو اجلاس هتي فنانس ڊويزن ۾ منعقد ٿيو، ا??لاس ۾ نجڪاري وارو وفاقي وزير، وزيراعظم جو اداره جاتي سڌارن وارو صلاحڪار، پاور بابت خاص مددگار، ايف بي آر چيئرمين ۽ ناڻي ۽ روينيو بابت خاص مددگار شرڪت ڪئي، جڏهن ته پاور، پيٽروليم ۽ نجڪاري جي سيڪريٽرين به شرڪت ڪئي، ا??لاس ۾ نيشنل پاور پارڪس مينيجمينٽ ڪمپني ل??يٽڊ جي نجڪاري تي ٿيندڙ اڳ??رائي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان حوالي سان ڪابينا جي توانائي باب?? ڪميٽي، ڪابينا جي نجڪاري باب?? ڪميٽي ۽ سي سي سي جي فيصلن تي عملدرآمد جو به جائزو ورتو ويو.