اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته وچ اوڀر جي موجوده بگڙجندڙ صورتحال جو گڏيل قومون فوري نوٽيس وٺي فلسطين ۾ جاري اسرائيلي جا??حي?? ۽ بربريت کي روڪرائڻ لاءِ عملي قدم کڻن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي هڪ بيان ۾ ??يو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام فلسطين ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي، هن چيو ته اڄ جمعي ڏينهن پارليامينٽ ميمبرن سان گڏ فلسطين ۾ جاري اسرائيلي جا??حي?? ۽ ظلم بربريت جي خلاف احتجاجي مارچ ??يو ويندو، هن چيو ته احتجاجي مارچ گڏيل قومن جي آفيس تائين ??يو ويندو جتي گڏيل قومن جي نمائندي کي قومي اسيمبلي ۾ 17 مئي تي متفقه طور تي منظور ٿيندڙ قرارداد پيش ڪئي ويندي، قرارداد ۾ فلسطين ۾ معصوم ۽ بي گناهه عوام تي اسرائيلي جا??حي?? جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي، قرارداد ۾ گڏيل قومن جي سلام??ي ڪائونسل کان مطالبو ??يو ويو آهي ته هو فلسطين ۾ اسرائيلي جا??حي?? جو فوري نوٽيس وٺي ۽ جا??حي?? کي روڪرائڻ لاءِ قدم کڻي.