جده – 08 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه م??مود قريشي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان جي سعودي عرب جي دوري جي موقعي تي ٿيندڙ ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ سمي?? گڏيل دلچسپي جي اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيا??ن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير شاهه م??مود قريشي هن وقت سعودي ولي عهد شهزاده م??مد بن سلمان جي دعوت تي وزيراعظم عمران خان جي سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي دوري دوران وزيراعظم سان گڏ آهي. پرڏيهي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پنهنجي گڏيل خواهش کي ورجايو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي طر??قن تي خيا??ن جي ڏي وٺ ڪندي گڏيل لاڳاپن جي س??ورن رخن جو جائزو ورتو.