اسلام آباد – 20 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته تحريڪ ا??صاف جو فارن فنڊنگ ڪيس ۾ دامن صاف آهي، اسان 40 هزار ماڻهن جا تفصيل اليڪشن ڪميشن وٽ جمع ڪرايا آهن، ن ليگ ۽ پيپلزپار??ي نامعلوم ماڻهن ک??ن پارٽي فنڊنگ جي نالي تي پئسا ورتا، ٻئي پارٽيون جواب ڏيڻ کان ڀڄي رهيون آهن، ڀڄڻ نه ڏنو ويندو، کين ضرور جواب ڏيڻو پوندو، چاهيون ٿا ته فارن فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي اوپن ڪئي وڃي ۽ ان جو جلد کان جلد فيصلو ٿئي ته حقيقتون قوم جي سامهون اچن. نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان سرعام چيو آهي ته فارن فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي اوپن ٿئي، ان جي بيان ک??نپوءِ تحريڪ ا??صاف جي پوزيشن واضح آهي، تحريڪ ا??صاف واحد سياسي پارٽي آهي جنهن اليڪشن ڪميشن جي اسڪروٽني ڪميٽي پاران گهريل سمورا دستاويز پيش ڪيا، شبلي فراز چيو ته تحريڪ ا??صاف ۾ ڪا به مافيا نه آهي، تحريڪ ا??صاف ورڪرن ۽ ميمبرن ک??ن چندو وٺي پارٽي معاملا هلائڻ جو ڪلچر متعارف ڪرايو آهي، ن ليگ ۽ پيپلزپار??ي نامعلوم ماڻهن ک??ن پئسا ورتا، مافيا انهن ماڻهن کي چونڊ وڙهڻ لاءِ فنڊنگ ڪندي آهي ۽ اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ اهي ماڻهو کين نوازيندا آهن.