اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته مڇ ۾ ٿيندڙ واقعو سازش آهي، ??ندستان پوري طرح پاڪستان ۾ انتشار ??کي??ڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، اسان جي انٽيليجنس ادارن دهشتگردي جا چار ??ڏا منصوبا ناڪام بڻايا، هزاره برادري سان نائين اليون کانپوءِ تمام وڏو ظلم ٿيو آهي، ??زاره برادري مڇ واقعي ۾ فوت ٿيندڙن کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪري انهي ڏينهن انهن وٽ ڪوئيٽا ايندس، مڇ سانحي جي متاثرين جا سمورا مطالبا مڃيا ويا آهن، لاشن جي تدفين کي وز??راعظم جي آمد سان جوڙڻ جو شرط مناسب نه آهي، اهڙي طرح ڪرپشن ڪندڙ داڙيلن جو ٽولو به بليڪ ميل ڪندو، آءِ ٽي جي شعبي کي مراعتون ڏئي روانگي واپار ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو، روزگار جا موقعا پيدا ڪري سگهون ٿا. هو هتي انفارميشن ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي قيام کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.