اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جي انگيج آف??يقا پاليسي جو مقصد آف??يقي ملڪن سان سفارتي لاڳاپن ۽ اقتصادي رابطن کي فروغ ڏيڻ آهي، پاڪستان جلد ئي جبوتي ۾ پنهنجو ريزيڊنٽ سفارتي مشن قائم ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمهوريه جبوتي جي قومي اسيمبلي جي صدر محمد علي حامد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن پارلياماني وفد سان گڏ ساڻس ملاقات ڪئي. ان ??وقعي تي سيني?? چيئرمين محمد صادق سنجراڻي پڻ موجود هو. وزيراعظم جبوتي جي وفد جي گرمجوشي سان آجيان ڪئي ?? چيو ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا گڏيل مذ??ب ۽ قدرن تي ٻڌل آهن ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن ۾ مڪمل هم آهنگي آهي.