اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پا??ست??ن جو فائدو قانون جي بالادستي کي يقيني بڻائڻ ۾ آهي، طاقتور ۽ ڪمزور جي لاءِ هڪ قانون هجڻ گهرجي، مخالف ڌر جو مفاد پا??ست??ن جي مفاد جي خلاف آهي، عمران خان ڪڏهن به انهن ڦورن کي معاف نه ڪندو، الله جو شڪر آهي ته جيڪڏهن اهي ماڻهو آرمي چيف ۽ آءِ ايس آءِ جي چيف جي خلاف ڳالهائي رهيا آهن ته انهن جي چونڊ ڪرڻ وارو منهنجو فيصلو بلڪل ٺ??ڪ هو، ڦورو هنن جي خلاف ڳالهائي رهيا آهن ته ان جو مطلب آهي ته هي بلڪل ٺ??ڪ ماڻهو آهن، ايندڙ ڏينهن ۾ ڏسنداسين ته ڪنهن جون ٽنگون ڏڪن ٿيون ۽ ڪنهن جي مٿي تي پگهر اچي ٿو، اسان جي سيڪيورٽي فورسز گذريل 15، 20 سالن ۾ دهشتگردي جو ڪاميابي ۽ جرئت سان مقابلو ڪيو ۽ ملڪ کي محفوظ بڻايو، ان جي ڪري پا??ست??ن جو اهُو حال نه آهي جيڪو باقي مسلمان ملڪن جو ٿيو، اسان جي انٽيليجنس ايجنسين انتشار پکيڙڻ جي ڀارتي ڪوششن ۽ منصوبن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو آهي. گلگت ۾ گلگت بل??ست??ن جي آزادي پريڊ کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته هو قوم کي ٻڌائڻ چاهي ٿو ته هڪ مضبوط فوج پا??ست??ن جي لاءِ ڪيتري ضروري آهي، ليبيا کان وٺي صوماليه، يمن ۽ افغانستان ۾ تباهي متل آهي، انهن ملڪن ۾ جنگيون ٿي چڪيون آهن يا ٿي رهيون آهن، انهن ملڪن جي عوام مشڪل ۾ آهي ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهي آهي.