اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ دهشتگردي جي خاتمي بابت ترميمي بل 2020ع ۽ گڏيل ق??من (سيڪيورٽي ڪائو??سل) (ترميمي) بل 2020ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. سينيٽ جي اجلاس ۾ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ وفاقي گهرو وزير پاران رٿ پيش ڪئي ته دهشتگردي جي ايڪٽ 1997ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ ج?? بل دهشتگردي جي خاتمي (ترميمي) بل 2020ع تي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ڪيل صورت ۾ فوري طور تي غور هيٺ آن??و وڃي. سينيٽ رٿ جي منظوري ڏني جنهن کانپوءِ هن اهو بل ايوان ۾ پيش ڪيو، چيئرمين شقوار منظوري لاءِ بل ايوان ۾ پيش ڪيو، جنهن جي ايوان اڪثريت راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي. پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ پرڏيهي ??زير پاران رٿ پيش ڪئي ته گڏيل ق??مون (سيڪيورٽي ڪائو??سل) ايڪٽ 1948ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ ج?? بل گڏيل ق??من (سيڪيورٽي ڪائو??سل) (ترميمي) بل 2020ع اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ڪيل صورت ۾ فوري طور تي غور هيٺ آن??و وڃي. ايوان رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن کانپوءِ هن اهو بل ايوان ۾ پيش ڪيو. چيئرمين شقوار منظوري لاءِ بل ايوان ۾ پيش ڪيو، جنهن جي ايوان اڪثريت راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي.