اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيص?? چيو آهي ته پارلياماني ڪميٽي ڪرونا وائرس جي وبا بابت مانيٽرنگ ۽ نگراني جو ڪم ڪندي، حڪومت پارلياماني ڪميٽي جي سفارشن تي عملدرآمد ڪرڻ کي ورجايو آهي. ڪرونا وائرس جي وبا جي معاملي تي قائم ڪيل پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته اين ڊي ايم اي ۽ صحت کاتي پارلياماني ڪميٽي کي مڪمل بريف ڪيو آهي، مخالف ڌر ۽ ح??ومت سموريون تجويزون ڏئي ڇڏيون آهن جيڪي خوش آئنده آهن، خميس تي ايندڙ اجلاس ۾ لاڪ ڊائ??ن جي صورتحال تي غور ٿيندو، لاڪ ڊائ??ن جي وڌيڪ وڌڻ جي صورت ۾ اڳتي جي حڪمت عملي ط??ي ڪنداسين، ملڪي معيشت تي پوندڙ اثرن جو پڻ جائزو ورتو ويندو.