اسلام آباد – 28 مارچ (اي پي پي) وفاق، چئني صوبن بشمول آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي اطلاعات ۽ نشريات وارن ??زي??ن ۽ ترجمانن ڪرونا وائرس کي شڪست ڏيڻ ج?? لاءِ گڏيل ڪوششن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ، فرنٽ لائن تي خدمتون سرانجام ڏيندڙ صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي ڪرونا وائرس کان بچائڻ ج?? لاءِ حفاظتي ڪٽس جي فراهمي، ڪرونا وائرس بابت خوف ۽ حراس تي ضابطو آڻڻ ۽ فيڪ نيوز جي تدارڪ جي لاءِ صوبائي سطح تي فوري قدم کڻڻ تي اتفاق ڪيو آهي، قومي رابطا ڪميٽي جي فيصلن کي عام ڪرڻ ۽ ڪرونا جي خاتمي واري مهم لاءِ وفاقي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت 5 ڪروڙ رپين جو خاص ??نڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي، صوبائي اطلاعات واريون وزارتون به ان ۾ پنهنجو ح??و وجهنديون، ٻاهرئين ملڪن مان ايندڙ امداد، ??زي??اعظم رليف پئڪيج، اين ڊي ايم اي امدادي پلان تحت سمورن صوبن کي برابر امداد جي ورڇ لاءِ حڪمت عملي جوڙي ويندي. ??زي??اعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ج?? صدارت ۾ اطلاعات وارن ??زي??ن ۽ ترجمانن جي وڊيو ڪانفرنس اسلام آباد ۾ ٿي.