بيجنگ – 17 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي قيادت گڏيل چئلينج?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي قدم کڻڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق ڪالهه اڱاري ڏينهن صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ سندس چيني هم منصب شي جن پنگ جي وچ ۾ گريٽ هال بيجنگ ۾ ملاقات دوران ڪيو ويو. ڳالهه ٻولهه دوران پاڪ چين اسٽريٽجڪ لاڳاپن جي سمورن رخ?? کي بحث ??يٺ آندو ويو. ان موقعي تي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مختل?? شعبن ۾ مفاهمتي ياداشتن تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ منصوبابندي وارو وزير ا??د عمر پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. چين جي صدر شي جن پنگ چيو ته مشڪل وقت ۾ چين جي دوري تي ٿورائتا آهيون.