اسلام آباد – 12 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته خوراڪ جو تحف?? قومي سلامتي سان ڳنڍيل آهي، زرعي شعبي ۾ جديد تحقيق، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي استعمال سان في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو، پيداواري لاڳت وڌڻ سان زرعي شعبو م??اثر ٿيو آهي، زرعي تحقيق ??ي آب??دگ??رن تائين پهچائڻ کانسواءِ حقيقي ثمر حاصل ڪرڻ ممڪن نه ??وندو. اسان جي زرعي پيداوار ڇو گهٽ ٿي، اسان کي ان حوالي سان ماضي جي غلطين مان سبق حاصل ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي اهتمام هيٺ زراعت تي قومي ڳالهه ٻولهه جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.