مظفرآباد – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته منهنجو ??يم??ن آهي ته نريندر مودي ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ جو 5 آگسٽ جو جيڪو قدم کنيو آهي انهي سان ڪشمير جي آزادي جو رستو نڪ??ند??، ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ سياسي، سفارتي ۽ ميڊيا جي سطح تي ڪاميابي ماڻي رهي آهي، ڪشميري اڳواڻن سان گڏجي هڪ ڪميٽي جوڙينداسين جنهن کا??پو??ِ اڳتي جو مرحلو شروع ڪنداسين، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي 11 ڏينهن ۾ پاڪستان کي فتح ڪرڻ ۽ ڀارتي آرمي چيف جي آزاد ڪشمير فتح ڪرڻ جون ڳالهيون ڪو به شعور وارو ماڻهو نه ٿو ڪري سگهي جڏهن ٻئي ملڪ ائٽمي طاقت هجن، اهي گهٻرايل ماڻهن جون ڳالهيون آهن، مودي حڪومت 5 آگسٽ جي قدمن کا??پو??ِ بري طرح ڦاسي وئي آهي، مودي جيڪڏهن پنهنجي تازي قدم تان پٺتي هٽي ٿو ته ان کي انتهاپسند هندوئن کان خطرو آهي جڏهن ته هو وڌيڪ اهڙا قدم کڻي ٿو ته هو عالمي سطح تي بي نقاب ٿيندو، آر ايس ايس جي نظريي ۽ هند??تو?? جي حوالي سان دنيا اسان جي ڳالهه کي اهميت ڏني آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونسازي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب دوران ڪيو.