اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا اڳوڻن وزيراعظمن محمد نواز شريف، يوسف رضا گيلاني ۽ اڳوڻي ??در آصف علي زرداري ??ي ڪئمپ آفيس، سيڪيورٽي، انٽرٽينمينٽ ۽ پرڏيهي نجي دورن تي خرچ ٿيندڙ اربين رپيا هڪ مهيني ۾ وصول ڪرڻ ۽ صدر ۽ وزيراعظم جي پگهارن ۽ مراعتن جي قانون ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ان ترميم سان هاڻي ??در ۽ وزيراعظم جي رڳو هڪ رها??شگ??هه کي سرڪاري ??ها??شگ??هه جو درجو ڏنو ويندو ۽ جڳهه جڳهه ڪئمپ آفيسز قائم ڪرڻ ۽ انهن تي سرڪاري ناڻي ۽ عوام جي پئسي سان ٿيندڙ خرچن جي روڪٿام ڪري ??گهبي، اڳتي ڪنهن به پبلڪ آفيس هولڊر بشمول صدر ۽ وزيراعظم جي لاءِ ڊيوٽي فري گاڏي جي سهولت نه هوندي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد سان گڏ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا سنڌ ۾ انسپيڪٽر جنرل پوليس جي مقرري ??ي معاملي تي تفصي??ي غور ويچار ڪيو.