سيالڪوٽ – 22 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق ??عو??ڻ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي جي درخواستن سان گڏ تحريڪ انصاف جي درخواستن کي به گڏائي ٻڌي، لنڊن جون تصويرون ٻڌائي ره??ون آهن ته ميان صاحب کي ڪهڙي ??ڪليف آهي، اسان اميد ڪر??ون ٿا ته نواز شريف پنهنجي علاج کانپوءِ پا??ستان ۾ اچي، رهبر ڪميٽي رهزن ڪميٽي بڻجي چڪي آهي، انهن کي خبر آهي ته عمران خان ملڪي معيشت کي کڻي ترقي جي راهه تي گا??زن آهي. جي سي يونيورسٽي سيالڪوٽ ۾ منعقد پروگرام بزم اقبال آگاهي پروگرام جي تقريب کي خطاب کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق ??عو??ڻ چيو ته پا??ستان تحريڪ انصاف واحد اهڙي پارٽي آهي جنهن جي اندر به جمهوريت آهي.