اسلام آباد – 04 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڏکڻ پنجاب سان لاڳاپيل سم??رن معاملن ??ي اڳڀرائي جي ذاتي طور تي مستقل نگراني ڪندس. اهڙن خيالن جو اظهار هن صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پي ٽي آءِ جي علائقائي تن??يمي ڍانچي ۽ ڏکڻ پنجاب جي ترقي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ڏکڻ پنجاب ۾ پي ٽي آءِ کي مضبوط ۽ فعال بڻائڻ جي هدايت ??ئي. هن علائقي جي ماڻهن کي سهولتن جي يقيني بڻائڻ جي لاءِ جاري ترقياتي منصوبن خاص طور تي ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي به هدايت ??ئي. وزيراعظم ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو ذاتي طور تي ڏکڻ پنجاب بابت معاملن ??ي اڳڀرائي جي مستقل بينادن تي نگراني ڪندو.