اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ناليواري سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو ا??ه??ر ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان هڪ عظيم انسان ۽ محب وطن پاڪستاني هو، سندس خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. پنهنجي بيان ۾ مخدوم شاهه محمود قريشي مرحوم ڊاڪٽر عبدالقدير خان ??ي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو ا??ه??ر ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام عط?? فرمائي.