ملتان -18 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي چيو آهي ته ففٿ جنريشن وار جي مقابلي لاءِ پنهنجي صفن ۾ اتحاد پيدا ڪرڻ وقت جي اهم ضر??رت آهي. پوري قوم متحد ٿي ڪري پروپئگنڊه جو مقابلو ڪري ۽ داخلي ڏڦيڙ پکيڙيندڙن کي ناڪام بڻائڻو آهي. اهڙو اظهار هن ملتان ۾ 43هين ساليانا حسينيه ڪانفرنس ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو.
شاه محمود قريشي چيو ته هن ڪانفرنس ۾ مختلف مڪتب فڪر سان لاڳاپو رکندڙ ماڻهو شريڪ آهن ۽ ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ تمام سٺي علامت آهي. هن چيو ته پاڪستان جا دشمن اسان خلاف ففٿ جنريشن وار شروع ڪري ڇڏي آهي ته جيئن اسان جي صفن ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪري ملڪ کي عدم استحڪام جو شڪار بڻائي سگهجي. انهن جو مقابلو صرف ۽ صرف متحد ٿي ڪري ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته حسينيه ڪانفرنس جي طرز تي وڌيڪ ڪانفرنسون ۽ اجتماع وقت جي ضر??رت آهن جن ۾ مختلف مڪتب فڪر جا ماڻهو شريڪ ٿين. پرڏيهي وزير چيو ته ويجهڙ ۾ ئي پاڪستان خلاف پروپئگنڊه ڪندڙ جعلي ??بر??ن ڦهلائيندڙ 750 ويب سائيٽن کي بند ڪيو ويو آهي، جيڪي داخلي انتشار پکيڙي رهيون هيون. انهن ويب سائيٽن جا پيرا انهن ملڪن مان ملن ٿا جيڪي پاڪستان ۾ گهرو انتشار پيدا ڪرڻ چاهين ٿا، بيشمار اهڙيون پوسٽون لڳايون وينديون آهن جن سان دل آزاري ٿيندي آهي، غلط ??بر??ن پکيڙڻ پڻ ان حڪمت عملي جو حصو آهي.
پرڏيهي وزير چيو ته غلط خبر تي فوري رد عمل ظاهر نه ڪرڻ گهرجي، بلڪه پهرين تحقيق ڪرڻ گهرجي سوشل ميڊيا کي هٿيار طور استعمال ڪيو پيو وڃي، سوشل ميڊيا پڻ اڄ جي دور ۾ ففٿ جنريشن وار جو حصو آهي، هن وقت هي خطو نازڪ دور مان گذري رهيو آهي ۽ هن وقت ضر??رت ان ڳالهه جي آهي ته عوام سوشل ميڊيا تي نفرت آميز مواد شيئر ڪرڻ کان پاسو ڪري تهجيئن اختلافن کان بچي سگهجي. هن چيو ته يوٽيوب تي مخصوص ڏينهن ۾ ڪجهه ويڊيو اينديون آهن جن کي سمجهڻ جي ضر??رت آهي. هن وقت هائبرڊ وار آهي جنهن ۾ جنگ جا طريقا بدلجي ويا آهن. قوم کي ويڙهائي منظم طريقي سان تفريق پيدا ڪرن جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته حضرت امام ح??ين عه ۽ انهن جي قربانين اهو درس ڏنو آهي ته ا??ين ضبط ۽ تحمل جو مظاهرو ڪيون ۽ هر اڳرائي خلاف ثابت قدم رهون. پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته اڄ يگانيت، اخوت، يڪجهتي ۽ برداشت جو پيغام اڳتي وڌائڻ تمام ضروري آهي.