اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ پارلياماني رابطن، واپاري تعاون ۽ ٻطرفي اقتصادي لاڳاپن جي استحڪام تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جي خواب جي تعبير لاءِ ڪوشان آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي مذهبي، ثقافتي ۽ سماجي هڪجهڙائي ٻه طرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ مستحڪم بنياد فراهم ڪري ٿي، سينيٽ چيئرمين اهڙن خيالن جو اظهار ايران جي س??ير سيد محمد علي حسيني سا?? پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عالمي سطح تي تعاون واکاڻ جوڳو آهي ۽ پاڪستان ايران سا?? پنهنجي تاريخي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ اسان جي خواهش آهي ته انهن لاڳاپن کي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي سطح تي وڌيڪ مستحڪم ڪيو ??ڃي. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۽ ايران سدائين هڪٻئي سا?? عالمي فورمن تي تعاون ڪيو آهي ۽ مختلف مسئلن تي هڪجهڙو موقف اختيار ڪيو آهي، هن دفاعي سطح تي تعاون کي به مثالي قرار ڏنو آهي، ايران جي س??ير سينيٽ چيئرمين جي خيالن سا?? اتفاق ڪيو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ملاقات ۾ مڪران ڊويزن ۽ خاص طور تي گوادر ??ي ايران پاران بجلي جي فراهمي منقطع ٿيڻ جو معاملو به غور هيٺ آيو. سينيٽ چيئرمين ايران جي حڪومت کي گوادر ۽ مڪران ڊويزن جي بجلي بحال ڪرڻ تي ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته بجلي جي بندش سا?? علائقي جي عوام کي مشڪلاتون درپيش هيون ۽ بحالي سا?? عوام کي رليف مليو آهي، سينيٽر ڪهده بابر به ان سلسلي ۾ سينيٽ چيئرمين ۽ ايران جي س??ير جي تعاون جو ٿورو ادا ڪيو. هن چيو ته سينيٽ چيئرمين جي ذاتي ڪوششن سا?? مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ مدد ملي، سينيٽ چيئرمين جي متوقع ايران جي دوري جي حوالي سا?? س??ير سينيٽ چيئرمين کي دوري جي رخن جي باري ۾ آگاهه ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته ايران دوست ملڪ آهي ۽ ايران جو دورو ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.