اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته راوي سٽي ۽ لاهور سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ ??نص??بو لاهور شهر جي مسئلن جي حل ۽ خاص طور تي معاشي سرگرمين جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا، ??نص??بن تي ??نا دير جي اڳڀرائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ جامع لائحه عمل جوڙيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن راوي سٽي ۽ لاهور سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ تي اڳڀرائي جي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حي??ر، ايل ڊي اي جو وائيس چيئرمين شيخ محمد عمران جڏهن ته ناڻي وارو وزير شوڪت فياض ترين، پنجاب جو هائوسنگ وارو صوبائي وزير ميان محمود الرشيد، پنجاب جي وڏي وزير جو صلاحڪار ڊاڪٽر سلمان شاهه، راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي جو سي اي او عمران امين ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته راوي سٽي ۾ ماحولياتي تحفظ کي ترجيح ڏيندي ق??ئم ڪيل 24 هزار ڪينال تي ٻڌل جهوڪ فاريسٽ پاڪستان ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون ٻيلو هوندو جنهن جي نگراني سمارٽ سينسرز جي ذريعي ڪئي ويندي. ??نص??بي ۾ ٽيڪنيڪي مدد لاءِ هواوي ڪمپني سان حصيداري ڪئي وئي آهي، وڌيڪ ??نص??بي ۾ 150 ايڪڙ تي ق??ئم ڪيل نالج پارڪ ان جو هڪ اهم حصو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته راوي سٽي ۾ اربن فاريسٽ جي جامع حڪمت عملي جوڙي وئي آهي جنهن تحت ??نص??بي ۾ نه رڳو موجوده ٻيلن جو تحفظ ۽ نالج پارڪ جو قيام شامل آهي پر پبلڪ پارڪس، بوٽينيڪل گارڊنز، برڊ سينڪچريز، بٽر فلائي پارڪس ۽ باغ به قائم ڪيا پيا وڃن، وڌيڪ اهو ته بٽر فلائي پارڪس کي عالمي طرز تي ماهرن سان مشاورت سان تعمير ڪيو پيو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته راوي سٽي ۾ 2000 ايڪڙ تي ق??ئم ڪيل پاڪستان جي پهرين قابل تجديد صنعتي زون ۾ هڪ هزار جي لڳ ڀڳ صنعتون قائم ٿينديون، صنعتي زون ۾ آءِ ٽي پارڪ، ڪولڊ اسٽوريج، لينڊ فل سائٽس، گهٽ آلودگي واري/ گرين انڊسٽري، گرين ريزرو ۽ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ شامل آهن، ان کانسواءِ ??نص??بي ۾ گند ڪچري مان بجلي ٺاهڻ جو پلانٽ به لڳايو ويندو، اجلاس کي سيفائر بي تي اڳڀرائي کان به تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 4 آگسٽ 2021ع تي ان جي پهرين مرحلي ۾ 5 پلاٽن جي نيلامي ڪئي ويندي جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ سيڙپڪار شريڪ ٿي رهيا آهن ۽ ان مان 13 ارب جو روينيو متوقع آهي، پهرين مرحلي جي نيلامي کانپوءِ فورن ان جي ٻي مرحلي جو آغاز ڪيو ويندو، وزيراعظم ٻنهي ??نص??بن کي قومي سطح تي اهميت رکندڙ قرار ڏيندي چيو ته ٻئي ??نص??با لاهور شهر جي مسئلن جي ازالي ۽ خاص طور تي معاشي سرگرمين جي فروغ جي ڏس ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. هن هدايت ڪئي ته ??نص??بن تي ??نا دير اڳڀرائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ جامع لائحه عمل جوڙيو وڃي. ان کانسواءِ وزيراعظم سيفائر بي تي ڪم جي رفتار کي تسلي بخش قرار ڏنو.