اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪراچ?? جي پاڻي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ”ڪي فور“ منصوبو مقرر وقت تي مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪراچي کي پاڻ?? جي شديد کوٽ درپيش آهي، پاڻ?? جي فراهمي جو اهو منصوبو تيز رفتار بنيادن تي هلائڻ جي ضرورت آهي، لاڳاپيل حصيدار ان حوالي سان هم آهنگي سان ڪم ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ پاڻ?? جي فراهم?? جي منصوبي ڪي فور بابت بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. واپڊا چ??ئر??ين ليفٽينٽ جنرل (ر) مزمل حسين منصوب?? جي باري ۾ صدر کي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل ۽ وفاقي حڪومت جي لاڳاپيل سينئر عملدارن به شرڪت ڪئي. واپڊا چ??ئر??ين ڪراچي ۾ پاڻ?? جي موجوده صورتحال ۽ مستقبل جي ضرورتن تي تفصيلي بريفنگ ڏني، هن ٻڌايو ته جون 2021ع تائين ڪنسلٽنٽس ڪم شروع ڪري ڏيندا ??ڏهن ته ڊزائين ريويو آڪٽوبر 2021ع تائين مڪمل ڪيو ويندو، هن چيو ته منصوبي تي فيبروري 2022ع ۾ ڪم شروع ٿيندو ۽ اهو آڪٽوبر 2023ع ۾ مڪمل ٿي ويندو.