ڪراچي – 12 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ سماجي ۽ معاش?? انقلاب لاءِ عورتن جي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت جي فروغ تي زور ڏنو. هو گورنر هائوس ۾ پاڪستان ريلوي ۽ دي سٽيزن فائونڊيشن جي نمائندن سان ملاقات ۾ ڳالهائي رهيو هو. اجلاس ۾ خاتون اول ??يگم ثمينه علوي به موجود هئي جڏهن ته ٻين شرڪت ڪندڙن پاڪستان ريلوي جي ڊويزن?? سپرنٽينڊنٽ ڪراچي محمد حنيف گل، ٽي سي ايف جي جنرل مينيجر راحيله فاطمه شڪيل، انصاف ڪميونٽي سوسائٽي جي صدر زاهد اصغر شامل هئا. صدر خصوصي ٻارن کي تعليم فراهم ڪر?? انهن کي معاشي نظام ۾ شامل ڪرڻ ت?? زور ڏنو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بنگلاديش عورتن جي تعليم ۽ صلاحيتن ۾ اضافو ڪري ملڪ مان غربت کي ختم ڪرڻ ۽ معيشت کي پائيدار بڻائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. هن چيو ته انهي طرح پاڪستان کي به پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ عورتن جي تعليم ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن ۾ اضافو ڪرڻ ت?? ڌيان ڏيڻ گهرجي.