اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته سينيٽر اورنگزيب خان اورڪزئي پارٽي جو اثاثو آ??ي، وزيراع??م عمران خان جي فيصلي کي فراخدلي ۽ جذبي سان قبول ڪندي اورنگزيب خان سينيٽ ۾ پارٽي ??ڪي?? تان دستبردار ٿ?? ويو آ??ي، سندس خدمتن مان پارٽي آئنده به فائدو حاصل ڪندي. هو سينيٽر اورنگزيب خان جي رهائشگاهه تي صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ ريلوي وارو وفاقي وزير اعظم سواتي سينيٽر اورنگزيب خان جي رهائشگاهه جو دورو ڪيو ان موقعي تي سينيٽر سجاد حسين، سينيٽر مرزا آفريدي، نصيب الله بازئي به ساڻس گڏ هئا، وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته سينيٽر اورنگزيب خان جو تعلق اڳوڻي فاٽا سان آ??ي، هن جنهن جذبي ۽ فراخدلي سان وزيراع??م عمران خان جو فيصلو مڃيو آهي اهو واکاڻ جوڳو آ??ي، اسان سندس ٿورو ادا ڪرڻ آيا آهيون، هو آئينده به اسان سان گڏ رهندو. هن چيو ته سينيٽر اورنگزيب خان جي پارٽي جي لاءِ ڪيتريون ئي خدمتون آهن ۽ اڄ به هو انهي طرح جي خدمتن سان ڀرپور آهي جهڙي طرح پهرين پارليامينٽ ۾ پي ٽي آءِ جو موقف پيش ڪندو رهيو آهي.