ڪراچي – 14 فيبروري (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي سنڌ مان سينيٽ جون 10 سيٽون ڪڍڻ جي دعويٰ هارس ٽريڊنگ جو اعتراف آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي سينيٽ چونڊن تي ڏنل بيان تي وڊيو پيغام ۾ پنهنجو ردعمل ڏيندي ڪيو. حليم عادل شيخ اعترافي بيان تي سپريم ڪورٽ کان ان جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. مخالف ڌر اڳواڻ ??ڌيڪ چيو آهي ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي خواب ۾ ڇيڇڙا نظر اچي رهيا آهن، گذريل سينيٽ چوندن ۾ سنڌ جي عوام جو پئسو ڦريو ويو هو، پيپل??پا??ٽي خيبرپختونخواهه ۾ نوٽن جي ڳٺڙين سا?? ووٽ خريد ڪيا هئا. حليم عادل شيخ چيو ته اسان چاهيو پئي ته چونڊون اوپن راءِ شماري تي ڪيون وڃن پيپل??پا??ٽي سدائين مخالفت ڪئي آهي. پي ٽي آءِ جي اڳواڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ جي غريب عوام جو پئسو هي ماڻهو سينيٽ چونڊن تي لڳائڻ چاهين ٿا.