اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي س?? سي) نيشنل ٽيرف پاليسي 24 – 2019ع تحت 152 ٽيرف لائينز، جنهن ۾ گ??ڻو ڪري خام مال شامل آهي، تي 2 سيڪڙو ڪسٽم ڊيوٽي جي خاتمي ۽ گلستان بينظير ٽائون شپ پورٽ قاسم اٿارٽي ڪراچي ۾ بنيادي ڍانچي جي س??ولتن، پاڻي جي س??وريج ۽ فراهمي جي نظام جي لاءِ ڪانٽريڪٽ ڏيڻ جي اصولي طور تي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اي س?? سي پاسڪو کان ??يب??پختونخواهه جي لاءِ 2 لک ميٽرڪ ٽن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي لاءِ 80 هزار ميٽرڪ ٽن ۽ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن آف پاڪستان جي لاءِ 2 لک 20 هزار ميٽرڪ ٽن اضافي ڪڻڪ جي فراهمي ۽ نئين فصل جي پيداوار حاصل ڪرڻ تائين اضافي ڪڻڪ جي درآمد جي منظوري پڻ ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو.