اسلام آباد – 27 آ??ٽو??ر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪشميري عوام جي حق پرست جدوجهد ۾ انه?? جي نه ختم ٿيندڙ حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. ڀارت جي غير انساني قدمن، وحشياڻي ڏاڍ، ”هندو توا“ آر ايس ايس، ب?? جي پي حڪومت جو انتها پسنداڻو چهرو بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، ڀارت جا قدم عالمي قانونن، سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميرين سان ڀارتي واعد?? جي خلاف ورزي آهن، ڪشمير هڪ سال کان وڌيڪ عرصي کان پنهنجي گهرن ۾ قيد آهن، ڀارتي ظلم?? جي انتها ۽ رياستي دهشتگرد?? جي باوجود ڪشميري عوام پنهنجي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪشمير ۾ ڪاري ڏهاڙ?? جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 73 سال اڳ اڄوڪي ڏينهن ڀارتي فوج عالمي قانونن ۽ انساني اصول?? جي خلاف ورزي ڪندي سرينگر ۾ لٿي، گذريل سال پنج آگسٽ تي ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ تڪراري حيثيت ۽ ا?? جي آبادي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ لاءِ قدم کنيو، ڀارت جي غير قانوني ۽ هڪ طرفي قدمن کي ڪشميري عوام، پاڪستان ۽ عالمي برادري رد ڪيو.