اسلام آباد – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان امير مل??ن کان غيرقانوني ط??ر منتقل ٿيل ۽ ڦريل دولت فوري طور تي واپس ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اسرندڙ مل??ن کي چوري ٿيل سندن دولت واپس ڪئي وڃي، مني لانڊرنگ ۽ دولت جي چوري سان اسرندڙ مل??ن ۾ غربت وڌي رهي آهي، اها رقم بدعنوان اشرافيه هڙپ ڪري وڃي ٿي، ڪجهه مصلحتن جي ڪري امير مل?? ڏوهاري سرگرمين جي خاتمي لاءِ سياسي ارادي جي قوت کان عاري آهن، ان عمل جو رستو نه روڪيو ويو ته امير ۽ غريب قومن جي وچ ۾ اڻ برابري وڌندي، دنيا ۾ عالمي بحران پيدا ٿيندو، مني لانڊرنگ ۽ انهن جي مدد ڪندڙن جي خاتمي لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن، ڀارت پاڪستان تي جيڪڏهن ڪا جارحيت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو، اسان ڀارت جي مسلسل جنگبندي جي خلاف ورزين ۽ اشتعال انگيزي جي ??او??ود صبر جو مظاهرو ڪيو آهي، ڪشمير کي صحيح ط??ر تي نيوڪليئر فليش پوائنٽ چيو وڃي ٿو، اسان تنقيد جي ??او??ود ڪورونا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي اختيار ڪئي ۽ ان جا لاڀائتا نتيجا مليا آهن، اسان غريب عوام سميت پنهنجي معيشت کي وڏي نقصان کان بچايو آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 75 هين اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته مون کي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي هڪ ڀيرو ٻيهر خطاب ڪندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي.