اسلام آباد – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي وزيرن سينيٽر ش??لي فراز، شاهه محمود قريشي، اسد عمر، چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مخاف ڌر اي پي سي ۾ فوج، عدليه، اليڪشن ڪميشن، نيب سم??ت سم??رن رياستي ادارن کي نشانو بڻايو، ڇا رياستي ادارن ۽ چونڊ عمل کي تڪراري بڻائي ملڪ ۽ جمهوريت جي ڪهڙي خدمت ڪئي پئي وڃي، هڪ جمهوري حڪومت جي خلاف سم??را مفاد پرست گڏ ٿي ويا آهن، نواز شريف جي تقرير تي ڀارتي ميڊيا تمام گهڻي خوشي ملهائي، ڀارت جي سم??رين وڏين اخبارن ۾ نواز شريف جي هيڊ لائين آهي ته ”نواز شريف فوج تي حملو ڪري ڇڏيو“، وزيراعظم عمران خان پنهنجي واضح موقف تي قائم آهي ته ڪنهن کي اين آر او ناهي ڏيڻو. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر ش??لي فراز، پرڏيهي وزير ش??هه محمود قريشي، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.