اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪشميري عوام 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارتي غيرقانوني ??ال??ريل ڪشمير ۾ ڪيل ڀارت سرڪار جي غيرآئيني ۽ هڪطرفي قدم کي رد ڪري چڪي آهي، ڀارت سرڪار جي نفرت تي ٻڌل پاليسين، پوري خطي جي امن امان کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، نئون سياسي نقشو پوري پاڪستاني قوم جي امنگن جي تر??ماني ڪري ٿو، پاڪستان خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين ڪشميري ڀائرن جي حمايت جا??ي رکندو. اها ڳالهه هن ڪشمير جي صورتحال تي پرڏيهي وزارت ۾ ميڊيا ايڪرز کي بريفنگ ڏيندي چئي. پرڏيهي وزير صحافين/ اينڪرز کي ??ال??ريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جا??ي ڀارتي قابض فوج جي ظلمن ۽ خطي ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال جي حوالي سان آگاهه ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ڀارت جي هندوتوا پاليسين ۽ ??ال??ريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جا??ي انساني حقن جي خلاف ورزين کي هر عالمي فورم تي بي نقاب ڪيو. ڀارت سرڪار جي نفرت تي ٻڌل پاليسين، پوري خطي جي امن امان کي خطري ۾وجهي ڇڏيو آهي. ڀارت ??ال??ريل ڪشمير جي آبادياتي ??نا??ب کي تبديل ڪرڻ چاهي ٿو، جيڪو عالمي قانونن جي منافي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته اڄ ڪابينا اجلاس ۾ پاڪستان جي نئين سياسي نقشي جي منظوري هڪ تمام وڏو قدم آهي.