اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بجلي ۽ گئس جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي هوالي سان آئوٽ آف دي باڪس حل ۽ تجويزن تي غور ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ماضي جي حڪومتن عوام جي قوت برداشت ک?? نظر ۾ رکڻ کانسواءِ ۽ ملڪي مفادن کي پٺتي رکندي مهانگا ۽ غيرمنطقي معا??دا ۽ انتظام ڪيا جنهن جو نتيجو مهانگي بجلي ۽ گردشي قرض جي صورت ۾ برآمد ٿيا آهن، موج??ده حڪومت جي اولين ترجيح عوام خاص ??ور تي گهٽ آمدني وارن ۽ غربت جو شڪار ماڻهن ۽ صنعتن جو فروغ آهي ته جيئن معيشت جو ڦيٿو هلي. هن اها ڳالهه بجلي ۽ گئس جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ گهريلو صارفين ۽ صنعتن کي رليف ڏيڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي.