اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته تحريڪ انصاف جي حڪومت جي بنيادي ايجنڊا ڪرپشن جو خاتمو آه??، ڪرپشن ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، ان جي ڪري ملڪ ??رق?? ۽ خوشحالي کان محروم رهيو، سڄي ملڪ ۾ احتساب جو عمل بنا فرق ۽ بنا رڪاوٽ جاري رهندو. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جي سربراهي ۾ سنڌ صوبي سان تعلق رکندڙ اتحادي پارٽين جي ميمبرن تي ٻڌل وفد سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو.